شهيدن جو مقام

شهيدن جو مقام (ماڳ): هيءُ ماڳ نئين ديري شهر ضلعي لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ واقع آهي. هيءُ مقام اٽڪل 60 جريبن ۾ پکڙيل وڏو قبرستان آهي. روايت مطابق هتي ڪلهوڙن جي سپهه سالار شاهه بهاري هڪ جنگ وڙهي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ گھڻو ڪوس ٿيو هو. هتي غريب شاهه نالي هڪ بزرگ جي مزار پڻ آهي، جنهن بابت معلومات ڪانه ٿي ملي، پر هيءُ مقام ’غريب شاهه جو مقام‘ نالي سان به سڏبو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو